جمالي شيخ حماد

جمالي، شيخ حماد: شيخ حماد جمالي ولد رشيد الدين جمالي، اُچ جي مشهور درويش قدوة الواصلين شيخ جمال جو ڏهٽو هو. هيءُ سدائين منهن تي برقعو وجهي عبادت ۾ مشغول رهندو هو. وقت جا وڏا عالم کانئس باطني علم حاصل ڪري سندس شاگرد ٿيا. روايت آهي ته ”جڏهن ڄام جوڻي، ڄام تماچي ۽ سندس پٽ کي قيد ڪري دهليءَ موڪلي ڇڏيو ته تماچيءَ جي ماءُ روزانو صبح جو شيخ حماد جي خانقاهه کي ٻهاري ڏيڻ لاءِ ايندي هئي. هڪ ڏينهن شيخ صاحب جي نظر ان عورت تي پئجي وئي. کانئس سندس پٽ ۽ پوٽي جو احوال پڇيائين. هن عورت روئندي کيس سڄو احوال ٻڌائي ٻنهي جي آزاديءَ لاءِ ٻاڏايو. اهو ٻڌي شيخ حماد جي حالت عجيب ٿي وئي ۽ هڪدم سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ دعائيه بيت چيائين، جنهن ۾ هنن ٻنهي جي ملڪ ۾ موٽي اچڻ ۽ حڪومت جي تخت تي ويهڻ لاءِ دعا ڪيائين. چون ٿا ته الله جي حڪم سان انهيءَ رات ٻئي پيءُ پٽ آزاد ٿيا ۽ اچي سنڌ جا حاڪم بڻيا“. سنڌي شاعريءَ جي ابتدائي بيتن ۾ شيخ حماد جماليءَ جي ان بيت کي وڏي اهميت حاصل آهي. سنڌ ۾ سما دؤر جي تاريخ جو هيءُ هڪ خاص واقعو آهي ته ڄام جوڻي جي سازش جي نتيجي ۾ ڄام تماچيءَ کي دهليءَ ۾ نظر بند ڪيو ويو هو. خلق جو دلي لاڙو ڄام تماچيءَ ڏانهن هو ۽ اهي ڄام تماچيءَ جي موٽي اچڻ ۽ حڪمران ٿيڻ لاءِ دعائون گهرندا رهندا هئا. ان ڏس ۾ شيخ حماد جماليءَ جي مٿئين دعائيه بيت جو حوالو اچي ٿو، جيڪو سيد عبدالقادر جي فارسي ڪتاب (1016هه/ 1607ع) جي حاشيي تي لکيل به مليو آهي:
جُوڻو مت اوڻو، آءٌ تماچي آءٌ
سٻاجھي ٻاجهه پئي، توسين ٺٽو راءُ
هن دعائيه بيت جو اثر هو، جو ڄام تماچي اچي تخت جو وارث ٿيو. تخت تي ويهڻ کانپوءِ ڄام تماچيءَ، شيخ حماد جي خدمت ۾ وڏي رقم پيش ڪئي، جنهن مان هن مڪليءَ واري جامع مسجد ٺهرائي. تحفة الڪرام جو مصنف لکي ٿو ته: ”ڄام تماچيءَ ۽ نوريءَ جون قبرون مڪليءَ تي شيخ حماد جي گنبذ جي ويجھو مشهور آهن.“ شيخ حماد جمالي اندازاً 1362ع ۾ گذاري ويو ۽ سندس خانقاهه ٺٽي ويجھو آهي. سندس مزار تمام عاليشان قسم جي ٺهيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو